لاهور – 09 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جعلي خبر جو سهارو وٺي نواز ??ريف تي مني لانڊرنگ جو الزام هنيو پيو وڃي، نيب چيئرمين پاران نواز ??ريف تي مني لانڊرنگ جو الزام کل جوڳو آهي، نيب افواهن تي جاچ ??ري رهي آهي، نيب جي گواهن به نواز ??ريف جي حق ۾ گواهي ڏني آهي، اڄ تائين محمد نواز ??ريف جي خلاف هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت ناهي ٿي. هو سروسز اسپتال ۾ گهرو وزير پروفيسر احسن اقبال جي عيادت کانپوءِ صحافين سان ۽ مجيب الرحمان شامي سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهائي رهي هئي. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته احسن اقبال سدائين ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۽ ملڪي ترقي جي ڳالهه ڪئي، قوم جي دعائن سان جلد هو اسان جي وچ ۾ هوندو ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت جو سفر ٻيهر شروع ڪندو.
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر