چشما – 28 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف توانائي جي کوٽ، دهشتگردي جي لعنت سميت ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجن کي موثر طور تي منهن ڏيڻ ج?? عز?? کي ورجائيندي چيو آهي ته ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خا??مو اسان جي ترجيحن ۾ پهرين نمبر تي آهي. هن اها ڳالهه 340 ميگاواٽ جي چش??ا ٿري نيوڪليئر پاور پلانٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم چيو ته اسان جڏهن اقتدار ۾ آياسين ته معيشت جي خراب حالت هئي، توانائي جي کوٽ هئي، 18، 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي ۽ ملڪ دهشتگردي جي ور چڙهيل هو. هن چيو ته اسان قوم کي مسئلن مان ??ڍڻ ج?? عز?? جو ا ظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ عملي قدم کنيا. وزيراعظم چيو ته قوم کي لوڊشيڊنگ مان ??وٽڪارو ڏيارڻ ج?? لاءِ اسان جنهن سفر جي شروعات ڪئي هئي الله جو شڪر آهي ان سلسلي ۾ اڄ هڪ ٻيو سنگ ميل عبور ڪيو آهي. چش??ا ٿري نيوڪليئر پاور پلانٽ جي مڪمل ٿيڻ ۽ ان منصوبي سان 340 ميگاواٽ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ٿيڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو اسان جي ترجيحن ۾ پهرين نمبر تي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن