گڏيل قومون – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن ??يو آهي ته گذريل ڏينهن 29 آڪٽوبر تي 30 کان وڌيڪ ٽرڪون غزه ۾ داخل ٿ??ون جيڪي ان علائقي ۾ اجازت ملڻ بعد کان انساني ام??اد جي اها سڀ کان وڏي کيپ آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق انساني معاملن بابت گڏيل قومن جي آفيس (او سي ايڇ اي) پنهنجي بيان ۾ ??يو آهي، ته پاڻي، خوراڪ ۽ طبي سامان کڻي ويل 33 ٽرڪون مصر جي سرحد تان رفح بارڊر ڪراسنگ تان گذر??ون آهن. واضح رهي ته 21 آڪٽوبر تي ام??اد جي بحالي بعد ڪل 117 ٽرڪون رفح رستي غزه ۾ داخل ٿي چڪ??ون آهن. واضح رهي ته 7 آڪٽوبر تي اسرائيل حماس جي حملي جي جواب ۾ غزه جو مڪمل گهيراءُ ڪيو هو جڏهن ته اسرائيل جي دفاع واري وزير اعلان ڪيو هو ته اتي نه بجلي هوندي، نه خوراڪ ۽ نه ئي ٻارڻ. ان کان اڳ ر??زا??و اٽڪل 500 ٽرڪون ام??اد ۽ ٻين سامان جون ڄاڻايل علائقي ۾ داخل ٿيند??ون هيون.
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد