گڏيل قومون -25 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ اس??ائيل جي هوائي حملن ۽ فوجي ڪارروائين جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته فلسطين ۾ وڌيڪ وڏي پئماني تي قتل عام ڊگهي ۽ خطرناڪ تڪرار کي جنم ڏئي سگهي ٿو. فوري ۽ غير مشروط طور جنگ بند ڪئي ??ڃي. انهن خيالن جو اظهار گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير منير اڪرم اس??ائيل ۽ فلسطين وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ تي 15 رڪني سلامتي ڪائونسل جي اعليٰ سطحي بحث دوران ڪيو. هن ??يو ته پاڪستان غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جو مطالبو ڪري ٿو، غزه ۾ جاري اس??ائيلي جارحيت هڪ وسيع ۽ خطرناڪ تڪرار کي جنم ڏئي سگهي ٿي. منير اڪرم فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان پاڪستان جي مڪمل حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. هن ??يو ته گذريل 17 ڏينهن ۾ غزه تي اس??ائيل جي ڇتي بمباري سان 5 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 15 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. پاڪستان غزه ۾ اس??ائيل جي فضائي حملن ۽ فوجي ڪارروائين خاص ڪري اسڪولن، رهائشي عمارتن ۽ اسپتالن تي حملن جي واضح طور مذمت ڪري ٿو. هن ??يو ته شهرين ?? انفراسٽرڪچر تي اس??ائيلي حملا، پاڻي، خوراڪ ۽ ٻارڻ جي ناڪابندي ۽ والاريل علائقن مان ماڻهن جي جبري منتقلي عالمي انساني قانون جي کليل ڀڃڪڙي ۽ جنگي ڏوهه برابر آهي. انهن ظالماڻن ڏوهن جي ذميدارن کي جوابده هئڻ گهرجي. سفير افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سلامتي ڪائونسل جنگ بندي جي ڪال جاري ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. ان سلسلي ۾ هڪ وڏي ذميداري انهن ماڻهن تي لاڳو ٿئي ??ي جيڪي ان تڪرار کي ڊيگهه ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن مطالبو ڪيو ته سلامتي ڪائونسل غزه اندر يا ٻاهر اتي جي ماڻهن ??ي بي گهر ڪرڻ وارين اس??ائيل جي ڪوششن کي رد ڪري. هن ??يو ته عالمي قانون تحت پرڏيهي قبضي ۾ رهندڙ ماڻهن جي حق خوداراديت ۽ قومي آزادي لاءِ جدوجهد جائز آهي ?? ان کي دهشتگردي سان ڀيٽڻ نه گهرجي.
فلسطين ۾ قتل عام خطرناڪ تڪرار کي جنم ڏئي سگهي ٿو، غير مشروط جنگ بندي ڪئي وڃي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ