اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ بريل جو عالمي ڏينهن 4 جنوري تي ملهايو ويندو. بريل 6 نقطن تي ٻڌل هڪ اهڙو منفرد رسم الخط آهي جنهن کي سڄي دنيا جي ڏسڻ کان محروم (معزورن) ماڻهن ج?? سهولت لاءِ اختيار ڪيو ويو آهي. 1824ع ۾ بري?? جي شروعات لوئي بريل ڪئي هئي جيڪو ننڍپ?? ۾ ??ڪ حادثي سبب پنهنجو ??ور وڃائي ويٺو هو، لوئي بريل اها رسم الخط فرانس جي فوج جي پيغام پهچائڻ جي طريقي کان متاثر ٿي اختيا ڪيو هو جنهن ۾ 6 نقطن بدران 12 نقطن جو استعمال ڪيو ويو هو، لوئي بريل ان رسم الخط کي بدلائي آسان بڻايو ۽ ان کي ??ور کان محروم ماڻهن تائين پهچائڻ شروع ڪيو. لوئي بري?? جي ان اهم خدمت کي نظر ۾ رکندي هر سال سندس جنم ڏينهن تي عالمي بريل جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. بري?? جي عالمي ڏهاري جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ سرڪاري، غير سرڪاري ۽ نجي ادارن جي اهتمام هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون ته جيئن عام ماڻهو کي ان حوالي سان آگاهي فراهم ڪري سگهجي.
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ بريل جو عالمي ڏينهن 4 جنوري تي ملهايو ويندو
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا