اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو خاص اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صنعتن ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، توانائي وارو وفاقي وزير سردار اويس خان لغاري، منصوبا بندي، ترقي ?? سڌارن وارو وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين بابت مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ (آن لائن شرڪت) کان علاوه لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن جي وفاقي سيڪريٽرين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اي سي سي گذريل فيصل?? تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، جن جو تعلق ماليات، گهرو، صنعت ۽ پيداوار، بين الصوبائي هم آهنگي، هائوسنگ ۽ اڏاوتي، خوراڪ ۽ تحفظ ۽ تحقيق، توانائي، قومي صحت جي خدمتن، قاعدن ۽ ضابطن ۽ هم آهنگي سان لاڳاپيل معاملن سان هو. اي سي سي کي گذريل فيصل?? تي عملدرآمد جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، جنهن کانپوءِ لاڳاپيل وزارتن انهن مسئل?? تي ڌار ڌار پريزينٽيشن ڏنيون جيڪي سندن وٽ التوا هيٺ هي??ن ۽ انهن جي حل لاءِ کنيل قدمن ۽ گهربل قدم?? تي روشني وڌي. اي سي سي پنهنجي فيصلن کي لاڳو ڪرڻ ۾ دير تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي هم آهنگي کي بهتر بڻائين ۽ ڌُرين، وزارتن ۽ ڊويزنن سان هڪ مناسب مڪينزم ذريعي فعال طور ڪم ڪن ته جيئن اي سي سي جي فيصل?? تي وقت سر عملدرامد ۽ ڏنل ڪمن ۽ ذميدارين جي پڄاڻيءَ کي يقيني بڻائي سگهجي.
ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اي سي سي جو خاص اجلاس
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش