اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي ??زير عطا الله تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو گولي هلائڻ ۽ لاش ڪيرائڻ جو بيان سندس ناڪامي جو اعتراف آهي ته هو ڪي پي ڪي حڪومت هلائڻ جي قابل ناهي، اسلام آباد ۽ پنجاب تي ڪاهه ڪرڻ جي ڌمڪي 9 مئي کي دهرائڻ جو اعلان آهي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي گولي هلائڻ جي بيان تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي ??زير چيو ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير گارگند کان هاڻي گولي هلائڻ تي اچي ويو آهي، ان سان هو پنهنجو نقصان ڪندو، ڪنهن ٻئي ??و نه. پ?? ٽي آءِ جي صوبائي ??ڪومت جو ڪو به بيان، ڪو قدم ۽ ڪو به رويو جمهوري، سياسي ۽ پارلياماني ناهي. هنن ڪڏهن به ائين ناهي چيو ته اسان تعليم، صحت، روزگار، معاشي بهتري جي ميدانن ۾ مقابلو ڪنداسين. وفاقي ??زير چيو ته انقلاب آڻڻو آهي ته صحت، تعليم ۽ عوام جي ڀلائي ??ي منصوبن جو انقلاب آڻيو، ڪي پي ۾ ڪرپشن ۽ نا اهلي جي انتها ٿي چڪي آهي، اصل مقابلو اهو هو ته وفاق ۽ پنجاب وانگر بجلي جي صارفين کي ڪي پي ڪي حڪومت پنهنجي صوبي ۾ رليف ڏئي ها، اصل مقابلو اهو هو ته اسپتالن، درسگاهن جي تعمير سان عوام جي خدمت جو ڪو رڪارڊ ٺاهين ها. هن چيو ته چين جي صدر جي دوري کي ڌرڻن سان ناڪام بنائيندڙ هاڻي ايس سي او جي اجلاس جي مو??عي تي وري ڏڦيڙ ڦهلائڻ چاهين ٿا. وفاقي ??زير چيو ته پاڪس??ان کي ڊفالٽ جي ڪناري تي پهچائيندڙ پ?? ٽي آءِ کي تڪليف اها آهي ته پاڪس??ان معاشي بحالي جي راهه تي ڇو هلي رهيو آهي، عوام کي تيز ترين مهانگائي ??ان تڪليف ڏيندڙن کي تڪليف آهي ته مهانگائي 32 سيڪڙو کان 9.6 سيڪڙو تي ڇو آئي ??هي. هن چيو ته گارگند، گولي ۽ بندوق سان مهانگائي گهٽ نه ٿيندي ۽ نه ئي ??يروزگاري، 11 سال کان ڪي پي ڪي ۾ پ?? ٽي آءِ جي ڦر لٽ جو اڏو ٺهيل آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف فلسطيني عوام جي حمايت ڪئي ۽ اسرائيل کي للڪاريو، پاڪس??ان ۾ اسرائيلي ايجنٽن کي ان تي تڪليف ٿي رهي آهي.
خيبرپختونخواه جي وڏي وزير جو گولي هلائڻ ۽ لاش ڪيرائڻ جو بيان سندس ناڪامي جو اعتراف آهي ته هو ڪي پي ڪي حڪومت هلائڻ جي قابل ناهي، اسلام آباد ۽ پنجاب تي ڪاهه ڪرڻ جي ڌمڪي 9 مئي کي دهرائڻ جو اعلان آهي: عطا الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil