اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پ??رليامينٽ ۾ ڏنل تجويز ”چارٽر آف پارليامينٽ“ کي ساراهيندي چيو آهي ته ان سان جمهوريت ۽ پارليامينٽ وڌيڪ مضبوط ٿيندا، پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪي معيشت جي استحڪام جي لاءِ حڪومت جو هر قدم ۾ ساٿ ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد ۾ سيد نويد قمر ۽ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب شامل هئا. ملاقات ۾ نائب وز??را??ظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ اٽارني جنرل پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي مشاوت ڪئي وئي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ڳالهائيندي وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي حڪومت جي اهم اتحادي پ??رٽي آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪي معيشت جي استحڪام جي لاءِ حڪومت جو هر قدم ۾ ساٿ ڏنو. وز??را??ظم پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پ??رليامينٽ ۾ ڏنل تجويز ”چارٽر آف پارليامينٽ“ کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته ان سان جمهوريت ۽ پارليامينٽ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ملڪي معيشت جي استحڪام جي لاءِ حڪومتي مع??شي پ??ليسين کي ساراهيو. پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد حڪومتي پ??ليسين ۽ ق??من تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو جنهن جي وز??را??ظم آجيان ڪئي.
پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي تجويز ”چارٽر آف پارليامينٽ“ سان جمهوريت ۽ پارليامينٽ وڌيڪ مضبوط ٿيندا، وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پيپلزپارٽي جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia