اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) صنعت، پيداوار ۽ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته پاڪستان هڪ هزار زرعي گ??يجوئيٽس کي اعليٰ تعليم ۽ تربيت لاءِ چين موڪليندو، تربيت زراعت ۽ خوراڪ جي حفاظت ۾ مخصوص مهارتن جو احاطو ڪندي. اهڙو اظهار هن منسٽر ڪائونسلر، ايمبيسي آف پيپلز ريپبلڪ آف چائنا زوهينگ تيان سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات جو مقصد پاڪستاني زرعي گ??يجوئيٽس کي چين موڪلڻ جي طريقيڪار کي حتمي شڪل ڏيڻ هو. ڄاڻايل اس??ال??شپ جو اعلان وزيراعظم پاڪستان ج?? تازي چين جي دوري دوران ڪيو ويو هو. وفاقي وزير چيو ته اس??ال??شپ جو بنيادي مقصد خوراڪ ۽ زرعي شعبن ۾ پاڪستاني گ??يجوئيٽس جي صلاحيت ۽ مهارتن کي وڌائڻ آهي. شاگردن کي جديد زرعي طريقن ۽ فني مهارتن سان ليس ڪيو ويندو. هن چيو ته شاگرد چين ۾ زراعت ۾ جدت ۽ جديد تحقيق سکندا، تربيت زراعت ۽ خوراڪ جي حفاظت ۾ مخصوص مهارتن جو احاطو ڪندي. راڻا تنوير حسين چيو ته شاگردن کي پوري پاڪستان مان چونڊيو ويندو. بلوچستان جي شاگردن کي ترجيح ڏني ويندي. ??نف??وشس انسٽي??يو?? زرعي يونيورسٽي فيصل آباد اس??ال??شپ پروگرام کي لاڳو ڪندو.
پاڪستان هڪ هزار زرعي گريجوئيٽس کي اعليٰ تعليم لاءِ چين موڪليندو: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی