اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چئلينجز جي باوجود پاڪستان افغان پناهگيرن جي انتهائي عزت ۽ وقار سان ميزباني ڪ??ي آهي، عالمي برادري افغان پناهگيرن جي ايتري وڏي انگ جي ميزباني ڪ??ڻ سان پاڪستان تي پوندڙ بار کي گهٽ ڪرڻ ۽ مسئلي جي پائيدار حل جي لاءِ گڏيل ذميواري جو مظاهرو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر (يو اين ايڇ سي آر) فل??پو گرانڊي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم يو اين ايڇ سي آر سان پاڪستان جي پراڻي حصيداري جو حوالو ڏيندي چار ڏهاڪن ??ان وڌيڪ عرصي ??ان افغان پناهگيرن جي ميزباني ۾ گڏيل قومن پاران پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته ڪيترن ئي چئلينجز جي باوجود پاڪستان سدائين افغان پناهگيرن جي انتهائي عزت ۽ وقار سان ميزباني ڪ??ي آهي. وزيراع??م ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري افغان پناهگيرن جي ايتري وڏي انگ جي ميزباني ڪ??ڻ سان پاڪستان تي پوندڙ بار کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ۽ ان مسئلي جي پائيدار حل جي لاءِ گڏيل ذميواري جو مظاهرو ڪري. وزيراع??م ان سلسلي ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي لاڀائتو بڻائڻ جي لاءِ يو اين ايڇ سي آر تي زور ڏنو ته هو افغان پناهگيرن جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ پائيدار حل کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم چيو ته افغان پناهگيرن جي محفوظ ۽ باوقار وطن واپسي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراع??م ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغان پناهگيرن جي وطن واپسي جي سلسلي ۾ عالمي برادري پاڪستان کي درپيش سماجي ۽ اقتصادي چئلينجن ۽ سلامتي جي خطرن کي نظر ۾ رکي. گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن ??ان لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪ??ڻ تي پاڪستان حڪومت کي مثالي مهمان نوازي جي لاءِ خراج تحسين پيش ڪيو. هن وزيراعظم کي خاطري ڪ??ائي ته يو اين ايڇ سي آر افغان پناهگيرن جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو. واضح رهي ته گڏيل قومن جو هاءِ ڪمشنر 7 ??ان 9 جولاءِ 2024ع تائين پاڪستان جي دوري تي آهي.
چئلينجز جي باوجود پاڪستان افغان پناهگيرن جي انتهائي عزت ۽ وقار سان ميزباني ڪئي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون