بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي (سي آءِ ڊي سي اي) جي چيئرمين لو زائو هوئي ??لاقات ڪئي، ملاقات ۾ چين پاڪستان جي م??فرد ۽ پائيدار دوستي ۽ گ??يل ترقي، اسٽريٽجڪ اعتماد ۽ گ??يل فائدي سان هلندڙ عملي تعاون جي وڌيڪ فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي جڏهن ته سي آءِ ڊي سي اي پاڪستان ۾ خصوصي اقتصادي زونز ۽ صحت جي ش??بي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي ??وجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چائنا سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمين لوزائو هوئي بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبن ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي تر??ي جي لاءِ سي آءِ ڊي سي اي جي ڀرپور حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته لوزائو هوئي توهان پاڪستان ۾ بطور سفير پنهنجون ذميواريون بهتر طريقي سان سرانجام ڏنيون. هن چيو ته توهان نه رڳو پاڪستان ۾ چين جا سفير هئا پر توهان پاڪستان ۾ پاڪستان جا بهترين دوست پڻ هئا ۽ اهو جذبو اڃا به قائم آهي. وزيراعظم ۽ سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمين چين پاڪستان جي م??فرد ۽ پائيدار دوستي ۽ گ??يل ترقي، اسٽريٽجڪ اعتماد ۽ گ??يل طور تي ڪارائتي عملي تعاون جي وڌيڪ فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ترقي ۽ سلامتي جي وچ ۾ گ??يل طور تي مضبوط لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي جي مضبوط علامت قرار ڏيندي هن چيو ته سي پيڪ تحت سماجي اقتصادي ترقي تي گ??يل ورڪنگ گروپ جا مثبت نتيجا نڪتا آهن. هن ان اعتماد جو پڻ اظهار ڪيو ته ٻنهي طرفن جي عوام جي زندگين ۽ روزگار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ سي پيڪ جي فيز ٽو ۾ تعاون جي اها رفتار برقرار رهندي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي م??ڪن جون حڪومتون ۽ عوام قدرتي آفتن ۽ آفتن جي وقت سدائين هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. هن ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا ۽ 2022ع کانپوءِ جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ پوليو ويڪسين جي فراهمي دوران پڻ اسرندڙ ملڪن ۽ خاص طور تي پاڪستان جي مدد ڪرڻ ۾ سي آءِ ڊي سي اي جي اهم ڪردار کي ساراهيو. سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمين مختلف شعبن ۾ چين پاڪستان تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن بنيادي ڍانچي جي ترقي، موسمياتي تبديلي جي ردعمل ۽ انساني وسيلن جي ترقي بشمول بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آءِ) ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو (جي ڊي آءِ) تحت جاري م??صوبن ۾ ٻطرفي حصيداري کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي پڻ شرڪت ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن