اسلام آباد-29 فيبروري (اي پي پي)مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجه محمد آصف ??يو آهي ته سني اتحاد ڪائونسل طرفان مخصوص سيٽن تي اميدوارن جي ترجيحي فهرست جمع نه ڪرائي وئي، قائدن تحت اميدوارن جي فهرست شيڊول تحت ڏيڻي هوندي آهي. قومي اسيمبلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبر عمر ايوب خان اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي ??يو ته اسان رولز ۽ قانون جي پاسداري جو حلف ک??يو آهي، هي ايوان نامڪمل آهي، ايوان ۾ اسان جي عورتن کي مخصوص سيٽون الاٽ نه ڪيون ويون آهن، بئريسٽر گوهر علي ??يو ته هن ايوان ۾ صرف عوامي مينڊيٽ رکندڙ شخص ئي ويهي سگهي ٿو. آرٽيڪل 51 (3) موجب قومي اسيمبلي 336 سيٽن تي ٻڌل آهي، ان ۾ عورتن لاءِ 60 ۽ اقليتن لاءِ 10 سيٽون رکيون ويون آهن، ان ۾ اسان جي سيٽن تي اسان جون مخصوص سيٽون الاٽ ڪيون وڃن. اسپيڪر فلور خواجه آصف کي ڏنو ته پي ٽي آءِ ميمبرن گوڙ شروع ڪيو. اسپيڪر ??يو ته پاڪستان جي اسيمبلي جي تقدس کي برقرار رکو. اهڙ?? طرح ايوان ۾ اوهان جي ڳالهه نه ٻڌي ويندي. پارليامينٽ پنهنجو موقف ڏيندو آهي ۽ ان کي پوءِ جواب ڏيڻو هوندو آهي. گوهر علي خان ??يو ته جيڪو پوائنٽ آف آرڊر اٿاريو آهي ان جو جواب نه مليو، خواجه محمد آصف ??يو ته سني اتحاد ڪائونسل مخصو سيٽن لاءِ ڪابه فهرست ناهي ڏني، پهرين ڏني ويندڙ لسٽ ۾ نالا شامل ٿي سگهن ٿا نئين لسٽ ۾ نه.
سني اتحاد ڪائونسل طرفان مخصوص سيٽن تي اميدوارن جي ترجيحي فهرست جمع نه ڪرائي وئي: خواجه محمد آصف
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا