اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سعودي عرب ۾ ا?? آءِ سي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران وزيراعظم ان اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب جو دورو ڪندو. سربراهي اجلاس کان اڳ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. ترجمان چيو ته پاڪستان عالمي اتفاق راءِ کي اڳتي وڌائڻ ۽ فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي ف??ري خاتمي ۽ غزه جي عوام جي لاءِ امداد جي ف??ري فراهمي جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ پنهن??و ڪردار ادا ڪندو رهندو.
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم