اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪينيڊين هائي ڪمشنر ليسلي اسڪينلون وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم ۽ هائي ڪمشنر ڪئناڊا پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ پاڪستا?? ۾ ??ئناڊا جي ترقياتي پروگرام، 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ انساني امداد، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن سان گڏوگڏ پاڪستا?? ۾ ??ئناڊا جي سيڙپڪاري خاص طور تي ريڪوڊڪ پراجيڪٽ شامل آهن. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي حڪومت پاران ترجيحي شعب?? ۾ ??نيل قدمن خاص طور تي معيشت جي استحڪام، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائ??نس?? (ايس آئي ايف سي) جي ذريعي پرڏيهي سيڙپڪاري سهولت ۽ غيرقانوني غيرملڪين جي وطن واپسي تي روشني وڌي. ڪينيڊين هائي ڪمشنر پاڪستان حڪومت پاران ڪئناڊا ج?? افغان ري لوڪيشن پروگرام جي لاءِ ڪيل حمايت کي ساراهيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪينيڊين هائي ڪمشنر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔