اسلام آباد – 11 – ??ولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميڊيڪل ڪاليجز جي انٽري ٽيسٽ بابت شاگردن جا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت قومي اسيمبلي ميمبر زهره ودود فا??مي سان ملاقات دوران ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب زهره ودود فا??مي کيس وزيراعظم جي بااختيار عورتن بابت خصوصي قدم جاري ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. زهره ودود فا??مي وزيراعظم جي يوٿ پروگرام تحت پاڪستان جي باصلاحيت نوجوانن جي لاءِ ليپ ٽاپس، وظيفن، بنا وياج قرضن ۽ انٽر پرينيورشپ جا پروگرام جاري ڪرڻ تي پڻ مبارڪباد ڏني. زهره ودود فا??مي وزيراعظم کي ميڊيڪل ڪاليجز جي انٽري ٽيسٽ (ايم ڊي ڪيٽ) بابت مسئلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي (ايم ڊي ڪيٽ) شاگردن جي سمورن مسئلن کي جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa