اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي)ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بجيٽ تقرير ۾ چيو ته زراعت جو شعبو ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ايندڙ مال?? سال ۾ ان شعبي لاءِ ڄاڻايل هيٺان قدم کڻڻ جون تجويزون آهن، زرعي قرضن جي حد کي هلندڙ مال?? سال ۾ 1800 ارب رپيا مان وڌائي 2250 ارب رپيا ڪيو ويو آهي. هن بجيٽ تقرير ۾ چيو ته بجلي/ڊيزل جو بل هاري جو سڀ کان وڏو خرچ هوندو آهي. ايندڙ مال?? سال ۾ 50 هزار زرعي ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته معياري ٻج هي سٺي فصل جو بنياد آهي. ملڪ ۾ معياري ٻج جي استعمال کي هٿي ڏيڻ لاءِ ان جي گهرائڻ ت?? سمورا ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز ختم ڪيا پيا وڃن. اهڙيءَ ط??ح Sappings گهرائڻ ت?? ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته موسم?? تبديليءَ سبب هارويسٽنگ جي مدت گهٽ کان گهٽ ٿيندي پئي وڃي، ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن هاري ٽين فصل به کڻي ته ان لاءِ ضروري آهي ته هو پڪل فصل کي جلد سنڀالي. ان لاءِ ڪمبائين هارويسٽرز جي ضرورت آهي. ڪمبائين هارويسٽرز جي استعمال کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هي تجويز آهي ته ان تي سموريون ڊيوٽيون ختم ڪيون وڃن. هن چيو ته چانور جي پيداوار وڌائڻ لاءِ خشڪ، رائيس پلانٽرز، سيڊر کي به ڊيوٽي ۽ ٽيڪس کان ڇوٽ جي تجويز آهي. ايگرو انڊسٽري ٻهراڙيءَ جي معيشت ۾ انقلاب جي صلاحيت رکي ٿي. بجيٽ ۾ ايگرو انڊسٽري کي Concessional قرضن جي فراهميءَ لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن.
ايندڙ مالي سال ۾ 50 هزار زرعي ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ