ڪراچي – 17 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آه?? ته جيئي ڀٽو جي نعرن سان گونجندڙ ڪراچي ۽ حيدرآباد نفرت جي سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو آه??، عوام ووٽ جي طاقت سان نام نهاد مقبول اڳواڻن جو پول به کولي ڇڏيو، بلدياتي چونڊن کانپوءِ ثابت ٿي ويو آه?? ته پيپلزپارٽي سنڌ جي شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن جي واحد سڀ کان وڏي پارٽي آه??، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عوام جا ٿورا مڃان ٿو ته انهن جيالي اميدوارن کي ووٽ ڏئي چونڊيو. بلاول هائوس پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اليڪشن ڪميشن پاران بلدياتي چونڊن جي نتيجن جي اعلان کانپوءِ ڪيو آه??. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي وفاق جي زنجير آه?? ۽ ملڪ جي سمورن طبقن تي ٻڌل ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي جي فتح سڄي ملڪ جي فتح آه??. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ترقي لاءِ سمورين سياسي ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ، عوام جي خوشحالي جو سبب بڻجندو. بلاول ڀٽو زرداري وڌ??ڪ چيو ته عوام پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي چونڊي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي اعتماد جو اظهار ڪيو آه??. جيئي ڀٽو جي نعرن سان گونجندڙ ڪراچي ۽ حيدرآباد نفرت جي سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو آه??. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بلدياتي چونڊون کٽيندڙ سڀني جيالي اميدوارن جي ذميواري آه?? ته اهي عوام جي اعتماد تي پورو لهڻ جي لاءِ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪن. واضح رهي ته ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ يونين ڪائونسل چيئرمين پيپلزپارٽي جا ڪامياب ٿيا آه??، ٻئي نمبر تي جماعت اسلامي آه??.
جيئي ڀٽو جي نعرن سان گونجندڙ ڪراچي ۽ حيدرآباد نفرت جي سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں