اسلام ??باد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف (اڄ) سومر ڏينهن بزنس، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت تي ناڻي واري وزارت پاران منعقد پري بجيٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندو. ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي ?? ٻڌايو ويو آه?? ته پاڪستان کي هن وقت ناڻي واڌ ۾ اضافو، وڏي ٻاهرئين خساري، پرڏيهي ناڻي جي شرح ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ?? وڌندڙ غيريقيني واري صورتحال جهڙا ڪيترائي معاشي چئلينجز درپيش آه??. ان کانسواءِ موجوده عالمي اقتصادي منظرنامو پڻ ملڪي اقتصادي منظرنامي جي لاءِ خدشا پيدا ڪري رهيو آه??. موجوده حڪومت جي ڪلي معيشت جي وڌندڙ عدم توازن تي ٻڌل هڪ اهڙي معيشت ورثي ۾ ملي آه?? جنهن پاڪستان کي مالياتي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آه??. ان تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ موجوده حڪومت مختلف فوري قدمن ذريعي معيشت کي مضبوط بڻائڻ، قيمتن ۾ استحڪام ۽ ٻاهرئين ۽ مالياتي شعبن جي ??ائ??داري کي برقرار رکڻ جي لاءِ مختصر وقت ۾ قدم کنيا آه??. ناڻي واري وزارت موجب حڪومت ايندڙ مالي سال 2023ع جو وفاقي ميزانيو تيار ڪري رهي آه??، بجيٽ سازي ۾ عوامي شرڪت ۽ شموليت ج?? ذريعي ترقي پسند، ترقياتي ۽ عوام ??وست بجيٽ ٺاهڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ويزن آه??. انهي ڏس ۾ موجوده حڪومت ڪاروباري شعبي سان حصيداري جي خواهش رکي ٿي ته جيئن نئين وفاقي بجيٽ نجي ۽ ڪاروباري شعبي ۽ عوام ??ي اميدن جي عڪاس هجي. ناڻي واري وزارت موجب نجي شعبو معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. نجي ۽ ڪاروباري شعبي جي قيمتي راءِ ۽ تجويزن کي شامل ڪرڻ جي لاءِ 7 جون 2022ع تي بزنس، زراعت ۽ آءِ ٽي تي هڪ پري بجيٽ ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آه?? اها ڪانفرنس ناليوارن واپارين، زراعت جي ماهرن ۽ آءِ ٽي ماهرن کي غور فڪر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي ۽ ماهر ايندڙ بجيٽ ۾ آءِ ٽي، زراعت، ٽيڪسٽائيل، ڪاروبار ۽ برآمدي شعبن بابت نوان خيال ۽ سفارشون پيش ڪندا. ڪانفرنس کي وزيراعظم محمد شهباز شريف خطاب ڪندو. ناڻي واري وزارت موجب حڪومت هن مشڪل وقت ۾ معيشت کي اعليٰ، ??ائ??دار ۽ ٺوس ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۽ سرڪاري ۽ نجي شعبن کي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ تي ٻڌل ٺوس بجيٽ پيش ڪرڻ چاهي ٿي.
وزيراعظم شهباز شريف اڄ بزنس، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت تي ناڻي واري وزارت پاران منعقد پري بجيٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندو
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن