اسل??م آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان والاريل ڪشمير جي گادي واري شهر سرين??ر جي جامع مسجد ۾ شب قدر ۽ جمعته الوداع جي اجتماعن تي پابندي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آه??. پرڏيهي آفيس جي ترج??ان هڪ بيان ۾ چيو آه?? ته ڀارتي قابض فوج رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هٿين خالي ڪشميرين تي ظلم ۾ تيزي آندي آه??، ڀارتي قابض فوج سرين??ر جي جامع مسجد ۾ شب قدر ۽ جمعته الوداع جي اجتماعن تي پابندي لڳائي جنهن جي پاڪستان سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، هن چيو ته امن ۽ رحمت جي مقدس مهيني ۾ ڪشميري مسمانن جي مذهبي آزادي تي پابندي لڳائي وئي آه?? جيڪا قابل مذمت آه??. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران اهو ظالماڻي قدمن جي هڪ نئين ڪڙي آه?? جنهن سان مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آه??، ان کان اڳ والاريل ڪشمير ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي، مسجدن ۽ درگاهن کي باهه ڏيڻ جا ناپاڪ واقعا به رونما ٿي چڪا آه??، هن چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائماليون ڪري رهي آه?? ۽ ان مذهبي آزادين تي پابندي لڳائي رکي آه??، ترج??ان چيو ته پاڪستان والاريل علائقي ۾ ڀارت جي هٿان ڪشميري مسلمانن جي مذهبي آزادي تي پابنديون لڳائڻ جي سخت مذمت ڪري ٿو.
پاڪستان پاران سرينگر ۾ شب قدر ۽ جمعته الوداع جي اجتماعن تي پابندي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil