اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت قانون جي بالادستي تي يقين رکي ٿي، مراعت يافته طبقي ۽ عام شهري تي قانون هڪجهڙو لاڳو ٿيڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو ??ظهار هن انصاف لائرز فورم جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل عامر محمود ڪياني کانسواءِ آءِ ايل ايف جو چيئرمين سينيٽر ع??ي ظفر، نويد سهيل ملڪ، فياض احمد مهر، قيصر عباس شاهه، عمير نيازي، انيس هاشمي ۽ نيها وسيم شامل هئا. ملاقات ۾ انصاف لائرز فورم بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔