ڪراچي – 30 ڊسمبر (اي پ?? پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف چيو آهي ته موجوده حڪومت عوام کي صحت جون بهترين خدمتون فراهم ڪرڻ تي ڀرپور ڌ??ان ڏئي رهي آهي، شاگرد پنهنجي پڙهائي جي عملي رخن ۽ دائري ڪار تي هڪجهڙو ڌ??ان ڏين ته جيئن تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ کين ملازمتون ملي سگهن، اقرا يونيورسٽي جي انتظ??مي?? عوامي آگاهي جي لاءِ گهٽ مراعته يافته علائقن ۾ به صحت بابت آگاهي ڪيمپ لڳائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اقرايونيورسٽي نارٿ ڪيمپس جي شاگردن ۽ فيڪل??ي ميمبرن سان يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ جسماني تندرستي جي حوالي سان پوسٽر سازي مقابلي جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي پ??سٽر سازي مقابلي جي انعقاد تي شاگردن، فيڪل??ي ميمبرن ۽ اقرا يونيورسٽي جي انتظ??مي?? کي ساراهيو. هن چيو ته شاگردن جي تيار ڪيل پوسٽرز معلوماتي آهن، صحت ۽ تندرستي جي باري ۾ آگاهي جي حوالي سان وڌيڪ مفيد ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته ان قسم جي پ??سٽرز کي اسڪولن ۾ به لڳائڻ گهرجي ڇو ته اهي شاگردن ۾ جسماني تندرستي کي برقرار رکڻ لاءِ احتياطي تدبيرن جي باري ۾ بيداري پ??دا ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ مفيد ثابت ٿيندا. هن شاگردن جي مسڪرائيندڙ چهرن کي ڏسي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته ان مان انهن جي پڙهائي ۾ جوش ۽ دلچسپي ظاهر ٿئي ٿي. بيگم ثمينه عارف علوي اقرا يونيورسٽي جي شاگردن کي به مشورو ڏنو ته هو خصوصي ٻارن ۾ بهترين صحت برقرار رکڻ لاءِ احتياطي تدبيرن جي باري ۾ آگاهي پ??دا ڪرڻ لاءِ به ڪم ڪن. خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته معذور ٻارن کي به اسان سڀني جي تعاون جي ضرورت آهي، مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻار به عام زندگي گذارڻ ۽ معاشري جو ڪارآمد شهري بڻجڻ لاءِ همدردي حاصل ڪرڻ جا مستحق آهن. خاتون اول چيو ته اقرا يونيورسٽي جي انتظ??مي?? عوام ۾ آگاهي پ??دا ڪرڻ لاءِ گهٽ مراعته يافته علائقن ۾ به صحت بابت آگاهي ڪيمپ لڳائي. هن چيو ته موجوده حڪومت عوام کي صحت جون بهترين خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ به ڀرپور ڌ??ان ڏئي رهي آهي. ان کان اڳ هن پوسٽر سازي مقابلي جو جائزو ورتو ۽ شرڪت ڪندڙن جي تيار ڪيل پوسٽرز ۾ گهري دلچسپي ورتي، ان موقعي تي اقرا يونيورسٽي پاران خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي کي شيلڊ به پيش ڪئي وئي، ان کانپوءِ بيگم ثمينه عارف علوي پ??سٽر ??قابلي جي فاتح ۽ رنراپ کي شيلڊز ڏنيون.
حڪومت عوام کي صحت جون بهترين خدمتون فراهم ڪرڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي: خاتون اول بيگم ثمينه عارف
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania