اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي ??يئ??مين محمد صادق سنجراڻي سعودي عرب جي قيادت کي سعودي عرب جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ جي ??يئ??مين پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي عوام پارليامينٽ ۽ حڪومت سعودي عرب جي عوام جي خوشين ۾ شريڪ آهي، قومي ڏي??هن ڪ??هن به ملڪ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ هوندو آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ٻطرفا لاڳاپا تاريخي ۽ مثالي آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي عوام جون دليون هڪٻئي سان گڏ ڌڙڪنديون آهن، سينيٽ جي ??يئ??مين چيو ته گڏيل مذهبي، ثقافتي ۽ معاشرتي هڪجهڙائي پاڪستان ۽ سعودي عرب کي هڪٻئي جي ويجهو رکيو آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب ترقي ۽ خوشحالي جو گڏيل ويزن رکن ٿا ۽ ٻطرفي تعاون کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جا خواهشمند آهن. سينيٽ جي ??يئ??مين محمد صادق سنجراڻي چيو ته سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ دعاڳو آهيان. اعليٰ سطح تي و??د جي مٽاسٽا سان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿيو آهي، سينيٽ جي ??يئ??مين سعودي عرب جي بادشاهه ۽ ولي عهد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي عوام سعودي عرب جي ڀائرن جي خوشين ۾ شريڪ آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ مضبوط کان مضبوط ٿي رهيا آهن. سينيٽ جي ??يئ??مين چيو ته مذهبي ۽ ثقافتي هڪجهڙائي کانسواءِ امن ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل بصيرت، ٻطرفي لاڳاپن کي سگهه ڏئي ٿي.
سينيٽ چيئرمين پاران سعودي عرب جي قيادت کي سعودي عرب جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب