دبئي -17 اپريل (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي رياست دبئي م برساتن سبب ڪيترن ئي سرڪاري ۽ تعليمي ادارن ۾ (ڪالهه) 17 اپريل تي پڻ ??موريون سرگرميون آن لائين سرانجام ڏنيون ويون. اماراتي وزيرن واري ڪائونسل جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي، ته سمورن سرڪاري ادارن جي ملازمن گهرن مان ڊيوٽي انجام ڏنيون، موسمي حالتن سبب آفيسن کي بند رکيو ويندو. دبئي ۾ شديد برساتن سبب ايئرپورٽ تي اڏامن جي اچ وڃ پڻ متاثر رهي، گذريل ڏينهن 24 اڏامون ??لت??ي ڪيون ويون. سوشل ميڊيا تي شيئر ??يل ويڊيوز ۾ ڏ??ي سگهجي ٿو ته دبئي ايئرپورٽ جو رن وي پاڻي ۾ ٻڏل آهي، طوفاني برساتن کان پوءِ دبئي ايئرپورٽ کي 25 منٽن لاءِ بند ڪرڻو پيو جنهن سبب ڪيتريون ئي اڏامون ??لت??ي ٿي ويون. ايئرپورٽ اٿارٽي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته موسمي حالتن سبب ايئرپورٽ جي رستن ۾ ٻوڏ واري صورتحال جي نتيجي ۾ اڏامن جي اچ وڃ متاثر رهي. مسافرن کي گهرجي ته ا??ي پنهنجي اڏام جي حوالي سان معلومات حاصل ڪرڻ کان پوءِ ئي ايئرپورٽ اچن. موسميات کاتي دبئي جي مختلف علائقن ۾ برساتن جو سلسلو جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
دبئي ايئرپورٽ جو رن وي پاڻي ۾ ٻڏي ويو، ڪيتريون ئي اڏامون متاثر، آفيسون بند
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste