انقره – 29 فيبروري (اي پي پي) ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته ا?? جو ملڪ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ امن ڳالهين لاءِ ٽياڪڙي ڪندڙ طور ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. رشيا ٽو ڊي مطابق روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف جي ترڪي جي دوري ۽ انطاليا ڊپلوميسي فورم جي موقعي تي هن چيو ته يوڪرين جنگ جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل لاءِ سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه کي موقعو ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن رستي ??ان اعليٰ ترين سطح تي ??فارتي ??ريع?? جو استعمال تم??م اهم آهي. البانيا ۾ يوڪرين- ڏکڻ اوڀر يورپ سربراهي اجلاس جي ويڊيو پيغام ۾ ترڪ صدر چيو ته روس ۽ يوڪرين کي هڪ ٻئي ويجهو آڻڻ ۽ پرامن ڳالهي?? جون ڪوششون ناڪافي آهن. هن يوڪرين جي آزادي، خودمختياري، سلامتي ۽ علائقائي سالميت جي حمايت جو ورجاءِ ڪيو ۽ چيو ته هو يوڪرين جي صدر جي 10 نڪاتي ??من فارمولي جي اصولي طور تي ??مايت ڪري ٿو.
ترڪ صدر جي روس ۽ يوڪرين وچ ۾ امن ڳالهين لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر