تل ابيب- 06 فيبروري (اي پي پي) اسرائيل جي هوائي ڪمپني العال آئرلينڊ ۽ مراڪش لاءِ سڌي ريت اڏام ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. العربيه موجب اسرائيل جي قومي هوائي ڪمپني العال غزه جنگ کا?? پوءِ مسافرن جي انگ ۾ گهٽتائي جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ڪمپني ايندڙ گرمي جي موسم لاءِ آئرلينڊ جي گادي واري شهر ڊبلن ۽ مراڪش لاءِ پنهنجي سڌي ريت اڏام ٻيهر شروع نه ??ند??. العال پاران جاري ڪيل بيان ۾ چي?? ويو آهي ته ڊبلن لاءِ اڏامون گذريل مارچ ۾ شروع ڪيون ويون هيون ۽ نومبر تائين جاري رهڻيون هيون پر غزه ۾ جنگ شروع ٿيڻ جي ڪجهه هفتن بعد ان روٽ تي اڏامون ملتوي ڪيون هيون . بيان ۾ وڌيڪ چي?? ويو ته آڪٽوبر ۾ مراڪش جي سفر جي حوالي سان اسرائيلي حڪومت ??ي ايڊوائزري کا??پوءِ ان شهر لاءِ اڏامون ملتوي ڪيون ويون هيون.
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش