اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شر??ف جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي قطعي برداشت نه ڪرڻ جي واضح پاليسي کي ورجائيندي ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ويو آهي ته قومي پاليسي ج?? مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر سطح تي ڪوششون جاري رکيون وينديون، فوجي عدالتن انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف انتهائي ??هم ڪردار ادا ڪيو، وفاقي حڪومت فوجي عدالتن کي ج??ري رکڻ لاءِ آئيني ترميم تي مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن بابت اعليٰ سطحي اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس دوران دهشتگردي جي خاتمي جي آپريشنز ذريعي ملندڙ ڪاميابين کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ کي نظر ۾ رکندي داخلي ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال جو تفصيلي ج??ئزو ورتو ويو.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ