گڏيل قومون -22 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ايٽمي هٿيارن ۾ استعمال جوڳي تابڪاري مواد جي تياري تي ??ابندي جي تجويز واري معاهدي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ايٽمي هٿيارن ل??ءِ ٻارڻ طور استعمال ٿيندڙ تابڪاري مواد جي پيداوار تي ??ابندي جي تجويز جي معاهدي جي مخالفت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي، ته جن ملڪن کي اڳ ئي ڪيترائي ٽن يورينيم رچاءُ تيار ڪرڻ جي ضرورت ناهي اهي ملڪ ان انبرابري واري معاهدي تي ضرورت کان وڌيڪ زور ڏئي رهيا آهن. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان اقبال جدون جنرل اسيمبلي جي هٿيارن جي خاتمي ۽ عالمي سلامتي جي معاملن سان لاڳاپيل فرسٽ ڪميٽي کي ٻڌايو ته تجويز ڪيل معاهدي جي نتيجي ۾ رڳو ايٽمي هٿيارن ۾ استعمال جوڳي تابڪاري مواد جي تياري ۾ ڪٽوتي ڪئي ويندي ڇو ته هي معاهدو ايٽمي عدم توازن کي طاقت ئي وٺائيندو انهي ل??ءِ ان جي ايٽمي هٿيارن جي خاتمي جي حوالي سان اثرائتي ۽ ڪامياب هئڻ جا ڪي به امڪان ناهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته اهي ملڪ جن اڳ ئي ڪيترائي ٽن تابڪاري مواد جو رچاءُ گڏ ڪري رکيو آهي انهن کي ته هي مواد تيار ڪرڻ جي ضرورت ناهي، ان ل??ءِ هو ايندڙ منطقي قدمن طور تابڪاري مواد جي رچاءَ جي هڪ حد مقرر ڪرڻ جهڙي تجويز تي زور ڏئي رهيا آهن. اهڙيون تجويزون پيش ڪندڙن ۾ اهي ملڪ جوش ۽ خورش سان شامل آهن جيڪي ايٽمي دفاع کي وسعت ڏيڻ ۽ ايٽمي هٿيارن جي اشتراڪ جي انتظامن ل??ءِ ٻين ملڪن تي ڀاڙيندا آهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته جيڪڏهن تابڪار مواد جي پيداوار جي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ڪير سنجيده آهي ته کين ٻٽي معيار کي رد ڪندي پنهنجي ڪوششن جي شروعات ڏکڻ ايشيا جي ڪنهن ملڪ مثال طور ڀارت سان ايٽمي تعاون جي خاتمي سان ڪرڻ گهرجي جنهن حفاظتي انتظامن کان سو??ءِ تابڪار مواد جي رچاءَ کي ذخيرو ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي ۽ هاڻي ايٽمي هٿيارن ۾ استعمال جوڳي تابڪار مواد جي وڏي پئماني تي تياري جي راهه تي گامزن آهي. هن نشاندهي ڪئي ته خطي ۾ سڀ کان پهرين ڀارت ايٽمي هٿيار متعارف ڪرايا، ڀارت ايٽمي تجربن تي ??ابندي جي معاهدن تي صحيحين کان انڪار ڪري ٿو، پاڪستان خلاف جارحيت جي ڌمڪي ڏئي ٿو، ڄمون ڪشمير تي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عمل درآمد ??ي رد ڪري ٿو ۽ سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرشپ جو خواهشمند هئڻ سان گڏوگڏ تحمل جي قدمن تي ڳالهين کي به رد ڪري ٿو. ??ن ايٽمي هٿيارن کان پاڪ دنيا جي مقصد ل??ءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو هڪ عالمگير، تصديق جوڳو ۽ غير امتيازي طريقي سان حاصل ڪيو وڃي. اهو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ل??ءِ هڪ انٽرنيشنل ڪنوينشن آن نيگيٽو سيڪيورٽي اشوئرنسز (اين ايس ايز) سان عالمي ايٽمي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان اين ايس ايز تي ??نهنجي ٺهراءَ جو مسودو به پيش ڪندو. ??ن ايٽمي هٿيارن جي خاتمي جي ذميوارين کي پورو نه ڪرڻ تي ??ايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي يقين آهي ته اسان کي انهن رياستن جي سيڪيورٽي خدشن کي دور ڪرڻ ل??ءِ به پنهنجون ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن جيڪي انهن رياستن کي پنهنجي دفاع ل??ءِ ايٽمي هٿيارن جي حاصل ڪرڻ جي ڪوششن جهڙن قدمن ڪرڻ تي ??جبور ڪن ٿا.
پاڪستان پاران ايٽمي هٿيارن ۾ استعمال جوڳي تابڪاري مواد جي تياري تي پابندي لاءِ تجويز ڪيل معاهدو رد
مضمون کا ماخذ : apostas quina