ڪوئٽو – 05 اپريل (اي پي پي) ڏکڻ آمريڪي ملڪ ايڪواڊور جي حڪومت ميڪسيڪ?? جي صدر طرفان گذريل سال ملڪ ۾ ٿيل چونڊن ۾ تشدد جي واقعن تي ڪيل تبصرن تي ميڪسيڪ?? جي سفير کي ناپسنديده شخصيت قرار ڏيندي کيس جلدي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. برطانوي خابرو اداري مطابق ايڪواڊور جي پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن ٻڌايو ته ميڪسيڪ?? جي سفير راڪيل سيرورسميڪ کي جلدي ملڪ ڇڏڻ گهرجي. گذريل اربع تي ميڪسيڪ?? جي صدر اينڊريس مينوئل لوپيز اوبراڊور ايڪواڊور جي صدارتي اميدوار فرنينڊو لاسينسي?? جي گذريل سال ٿيل قتل تي تبصرو ڪندي ان جي ڀيٽ ميڪسيڪ?? جي موجوده چونڊن جي سيزن دوران تازي تشدد سان ڪ??ي. ??يڪواڊور جي پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ چيو ته قوم ولاسينسي?? جي قتل تي سوڳ ۾ آهي ۽ اسانجي حڪومت ٻين ملڪن جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت جي اصول تي عمل ڪري ٿي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری