ڊيووس – 17 جنوري(اي پي پي) سوئٽزر لينڊ جي شهر ڊيووس ۾ ٿيل ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ع??رتن ۽ مردن جي صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي طريقيڪار ۾ گهڻو وڌيڪ فرق آهي جنهن سان سڄي دنيا ۾ ساليانو هڪ کرب ڊالر نقصان ٿيندو آهي. ار??و نيوز مطابق مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون پنهنجي زندگي جو چوٿون ??صو خراب صحت سبب تڪليف ۾ گذاري ڇڏينديون ??هن جنهن جو هڪ سبب مردن جي صحت تي وڌيڪ تحقيق، بيماري جي سڃاڻپ ۽ علاج جو ممڪن ٿيڻ آهي. ڊيووس ۾ پيش ٿيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن مردن ۽ عورتن جي صحت جي حوالي سان ان فرق کي ختم ڪيو وڃي ته 2040ع تائين عالمي معيشت ۾ ساليانو هڪ کرب ڊالر جو اضافو ٿيندو، ان جو مطلب آهي ته ع??رتون مجموعي ملڪي پيداوار ۾ 1.7 سيڪڙو جي ترقي ??و سبب بڻجي سگهن ٿيون.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ