گڏيل قومون-11 ڊسمبر (اي پي پي) غزه ۾ شهري آبادي جي سنگين صو??تح??ل تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو خصوصي اجلاس اڄ اڱار?? تي منجهند جو ٿيندو. جنرل اسيمبلي جي صدر ڊينس فرانسس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسيمبلي ۾ اجلاس اڱار?? تي نيويارڪ جي وقت مطابق منهجند 03 وڳي ٿيندو. ميمبر ملڪن ڏانهن لکيل خط ۾ صدر ڊينس فرانسس چيو آهي ته هي اجلاس مصر، موريطانيا، عرب گروپ جي سربراهن ۽ اسلامي سهڪار ت??ظي?? جي گذارش تي سڏايو ويو آهي.هن چيو ته اجلاس جي درخواست ۾ مصر ۽ موريطانيا غزه پٽي ۾ فلسطيني شهري آبادي جي سنگين صو??تح??ل جو حوالو ڏنو آهي. الجزيره جي رپورٽ مطابق ان کان اڳ گڏيل قومن لا??ِ مصر جي مشن ٺهراءَ جي مسودي جو متن ميمبر ملڪن جي نمائندن ۾ ورهايو ويو آهي جنهن ۾ فوري طور تي انساني بنيادن تي جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن لا??ِ مصر جي نمائندي اسا??ه عبدالخالق ايلس تي جاري پوسٽ ۾ چيو آهي ته اها خونريزي فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي. جنرل اسيمبلي جي ٺهراءَ جي مسودي ۾ سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءِ جهڙي ئي ٻولي استعمال ڪئي وئي آهي جنهن کي آمريڪا جمع?? تي ويٽو ڪري ڇڏيو هو ۽ ان تي اڄ اڱار?? تي ووٽنگ جو امڪان آهي. 193 ميمبرن جي جنرل اسيمبلي 27 آڪٽوبر تي به انساني همدردي جي بنياد تي فوري ۽ مستقل جنگ بندي جو مطالبو ڪيو هو.
غزه صورتحال تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو خصوصي اجلاس اڄ ٿيندو
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ