گڏيل قومون-05 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي اداري او سي ايڇ اي ڏکڻ غزه ۾ شديد اس??ائيلي بمباري جي نتيجي ۾ وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان جي تصديق ڪئي ??هي. او سي ايڇ طرفان جاري رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته ڏکڻ غزه ۾ هفتي جي پڄاڻيءَ دوران اس??ائيلي بمباري سان سَوين شهادت?? اتي پناهه وٺندڙ فلسطينين لاءِ ڳڻتيءَ ۾ واڌ ڪري ڇڏي ??هي. امدادي ٽيمن جي چُرپر انتهائي محدود ۽ اُتر تائين رسائي هاڻ م??مل طور تي بند ??هي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته گذريل ڏينهن غزه تي اس??ائيلي بمباري سان گهٽ ۾ گهٽ 316 ڄڻا شهيد ۽ 664 زخمي ٿيا آهن. فلسطيني پناهگيرن جي حوالي سان گڏيل قومن جي اداري يو اين ڊبليو آر اي چيو آهي ته ڏاکڻي علائقي رفح تي اس??ائيلي جي فضائي حملن ذريعي ماڻهن کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. يو اين ڊبليو آر اي جي معاملن بابت ڊائريڪٽر ٿامس وائيٽ ٻُڌايو ته ماڻهو پاڻ کي محفوظ هنڌن لاءِ واجهائي رهيا آهن پر اس??ن وٽ انهن کي محفوظ هنڌن تائين رسائڻ لاءِ ڪجهه ناهي.
گڏيل قومن جي اداري غزه جي ڏکڻ ۾ اسرائيلي بمباري سان وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان جي تصديق
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت