گڏيل قومون-30 نومبر (اي پي پي)گڏيل قومن چيو آهي ته غزه جي حوالي سا?? سلامتي ڪا??ونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ناڪافي آهي. چيني خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس سلامتي ڪا??ونسل جي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته آئون قرارداد 2712 جي منظوري جي آجيان ڪريان ٿو جنهن ۾ سڄي غزه ۾ انساني بنيادن تي فوري ۽ توسيع ٿيل راهدارين جو مطالبو ڪيو ويو آهي، پر بدقسمتي سان ان قرارداد تي عملدرآمد ناڪافي آهي. هن چيو ته هو ان قرارداد جي ڪاميابي کي تڏهن تسليم ڪندو جڏهن غزه جي ماڻهن جون زندگيون محفوظ ٿي وڃن، ماڻهن جو وقار بحال ٿي وڃي ۽ ماڻهن لاءِ ا??دا?? جي فراهمي يقيني ٿي وڃي، هن چيو ته هن وقت غزه جا ماڻهو پوري دنيا جي سامهون هڪ وڏ?? انساني تباهي جي ور چڙهيل آهن، هن چيو ته اسان کي پوئتي نه ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته اسان عار??ي جنگ بندي ۾ توسيع جي ڪوششن جي آجيان ڪريون ٿا.هن چيو ته گڏيل قومون ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي غزه ۾ حقيق?? انساني بنيادن تي جنگ بندي جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسرائيل کي فلسطين سان گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانون جي بنياد تي ٻه رياستي حل جي قيام طرف پرعزم ۽ ناقابل واپسي طريقي سان اڳتي وڌڻ گهرجي. هن خبردار ڪيو ته ڳالهين ۾ ناڪامي فلسطين، اسرائيل سميت پوري دنيا کي تمام وڏي تباهي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو جنهن کي سنڀالڻ ناممڪن ٿي ويندو.
غزه جي حوالي سان سلامتي ڪائونسل جي قراردان تي عملدرآمد ناڪافي آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری