قاهره -26 سيپٽمبر (اي پي پي) مصر ۾ اليڪشن اختيارين صدارتي چو??ڊ 10 کان 12 ڊسمبر تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سعودي ميڊيا مطابق نيشنل اليڪشن اٿارٽي جي چيئرمين جسٽس وليد حسن حمزه ٻڌايو ته پولنگ 10، 11 ۽ 12 ڊسمبر تي ٿيندي، اميدوار آڪٽوبر کان درخواستون جمع ڪرائ?? سگهندا، اميدوارن جي فهرست کي 9 نومبر تي حتمي شڪل ڏني ويندي، چو??ڊ مهم 29 نومبر تائين جاري رهندي ۽ نتيجن جو اعلان 18 ڊسمبر تي ڪيو ويندو. اڳوڻي آرمي چيف صدر عبدالفتاح السيسي جو اٽڪل هڪ ڏهاڪي کان اقتدار ۾ آهي اڃا تائين پنهنجي اميدواري جو باقاعده اعلان ناهي ڪيو. 68 سالن جو عبدالفتاح السيسي پهريون ڀيرو 2014ع ۾ صدر چو??ڊيو هو ۽ وري 2018ع جي چو??ڊن ۾ ڪامياب ٿيو. هاڻي تائين رڳو ٻن ٻين اميدوارن چو??ڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن ۾ مخالف ڌر جو سياستدان احمد الطعطاوي شامل آهي. مصر جي سوشل ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي صدر فريد زهران به چو??ڊ ۾ حصو وٺڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي.
مصر ۾ صدارتي چونڊ لاءِ پولنگ 10 کان 12 ڊسمبر تي ٿيندي: نيشنل اليڪشن اٿارٽي
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت