اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ورچوئل يونيور??ٽي ڊجيٽل پاڪستان ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ره?? آهي، اسان کي آءِ ٽي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي بنيادي تعليم تي فوڪس ڪرڻ گهرجي، نوجوانن کي سائبر سيڪيورٽي ٽريننگ ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، سائبر سيڪيورٽي ايندڙ وقت ۾ اهم آهي ۽ ان سان جڙيل هر شعبي ۾ وڏا امڪان آهن، زمانو جيترو تيزي سان بدلجي ره??و آهي، اسان کي وقت سان گڏ هلڻو پوندو ۽ ايندڙ دور لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو، ??ن وقت 9 سيڪڙو شاگرد گريجوئيشن ۾ داخلا وٺندا آهن جيڪا تمام گهٽ آهي ان کي وڌائن لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هو ورچوئل يونيور??ٽي ۽ ان ۾ ايل ايم ايس مينيجمينٽ، آءِ سي ٽي انفرااسٽرڪچر ۽ پروڊڪشن هائوس جي لاءِ جديد ترين سهولتن جي دوري کانپوءِ فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن کي خطاب ڪري ره??و هو. ريڪٽر ورچوئل يونيور??ٽي آف پاڪستان پروفيسر ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي به ان موقعي تي موجود هو. ريڪٽر ورچوئل يونيور??ٽي صدر کي تفصيلي بريفنگ به ڏني، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نئين پاڪستان ۾ ورچوئل يونيور??ٽي جي طرز جو تعليمي سسٽم ڏسڻ چاهيون ٿا، هڪ سال ۾ صرف 27 هزار آءِ ٽي گريجوئيٽ پيدا ڪري ره??ا آهيون، جڏهن ته پاڙيسري ملڪ ڀارت 8 لک گريجوئيٽ پيدا ڪري ره??و آهي، اسان وٽ نوجوانن جو هڪ وڏو تعداد موجود آهي جنهن کي ان شعبي طرف آڻڻ جي ضرورت آهي، ورچوئل يونيور??ٽي ڊجيٽل پاڪستان ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اهو وفاقي تعليمي ادارو پاڪستان جي ڏورانهن علائقن تائين معياري تعليم جي فراهمي لاءِ قائم ڪيو ويو هو، ??اڻي ڊجيٽل پاڪستان کي عملي جامو پارائڻ ۾ پنهنجو موثر ڪردار نڀائي ره??و آهي، هن چيو ته ورچوئل يونيور??ٽي پوري پاڪستان ۾ هڪجهڙي نصاب جي لاءِ بهترين مثال آهي ڇو ته اهو پوري پاڪستان ۾ اعليٰ معيار جو تعليمي مواد فراهم ڪري ٿي. صدر اليڪٽرانڪ موڊ جي ذريعي سستي اعليٰ تعليم جي فراهمي جي لاءِ ورچوئل يونيور??ٽي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته نيشنل انفارميشن سوسائٽي، ڏکڻ ڪوريا پاران انفارميشن ايڪسيس سينٽر ۽ انٽرنيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن يونين پاران ورچوئل يونيور??ٽي کي ڊجيٽل ٽرانسفارميشن سينٽر جو ايوارڊ يونيور??ٽي جي عالمي سڃاڻپ آهي. هن چيو ته ورچوئل يونيور??ٽي ملڪ جي خواندگي جي سطح کي تمام وڏي رفتار سان بلند ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، ڊاڪٽر عارف علوي تحقيق تي ٻڌل تعليم جي اهميت تي ۽ شاگردن کي جديد ترين ٽيڪنيڪي ترقي سان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ رواتي يونيورسٽين کي ورچوئل يونيور??ٽي آف پاڪستان جي ماڊل جي طرز تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، ??ن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽين کي اهڙا پروگرام تيار ڪرڻ گهرجن جيڪي معاشري جي گهٽ آمدني وارن طبقن کي بااختيار بڻائين ۽ انهن جي مهارتن جي قدر ۾ اضافو ڪن. هن چيو ته مون اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته يونيور??ٽي آف نرسنگ ۾ عالمي سطح تي تسليم ٿيل پروگرام تيار ڪرڻ ۽ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي پروگرام لاءِ فيڊرل بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ۽ نجي شعبي جي مختلف تنظيمن سان گڏجي به ڪم ڪري ره?? آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته معياري تعليم جا موقعا هر ڪميونٽي لاءِ دستياب هجڻ گهرجن ۽ ان مقصد جي لاءِ آن لائين تعليمي نظام بهترين ماڊل آهي، هن شاگردن کي زور ڏنو ته هو ڊجيٽل مهارتون سکن ڇو ته توهان سڀني کان باوقار تعليمي اداري جو حصو آهيو، جيڪو پاڪستان ۾ پنهنجي اي لرننگ جو علمبردار آهي. اها ڳالهه واکاڻ جوڳي آهي ته ڪووڊ – 19 جي دوران جڏهن پاڪستان جي هر يونيور??ٽي کي مسئلا درپيش هئا، ورچوئل يونيور??ٽي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي پنهنجي تعليمي نظام کي جاري رکيو، ان کان اڳ صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ورچوئل يونيور??ٽي هن وقت پاڪستان جي 120 کان وڌيڪ شهرن ۾ موجود آهي جنهن ۾ 125000 کان وڌيڪ فعال شاگرد ۽ دنيا جي 62 ملڪن مان 1860 ٻاهرين ملڪ ره??دڙ شاگرد آهن، گذريل 20 سالن کان ورچوئل يونيور??ٽي عوام کي ان جي جاگرافيائي بيهڪ کان قطع نظر انتهائي سستي اعليٰ تعليم فراهم ??ئي آهي، هن وقت ورچوئل يونيور??ٽي ۾ 4 کاتا، 5 فيڪلٽيز ۽ تازو ئي قائم ڪيل پروفيشنل ڊولپمينٽ سينٽر آهي، ان کان پوءِ صدر ورچوئل يونيور??ٽي جي ٽي وي نيٽ ورڪ ۽ ڊيٽا سينٽر سميت ٻين مختلف شعبن جو به دورو ڪيو.
ورچوئل يونيورسٽي ڊجيٽل پاڪستان ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ