اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جو ??ني??دي سبب اڳوڻين حڪومتن جا ورتل قرض آهن، حڪومت کي هن سال 12 ارب ڊالر جو قرض واپس ڪرڻو آهي ته سبسڊي لاءِ ڇا بچندو، اڳوڻن حڪمرانن قرض کڻي ٻاهرين ??لڪ جائيدادون ٺاهيون، دنيا جي 66 سيڪڙو آبادي اسلام آباد کان ساڍا 3 ڪلاڪ جي فاصلي تي آهي، پاڪستان عرب ملڪن جي فوڊ مارڪيٽ تائين ??هچ حاصل ڪري سگهي ٿو، اسان شيون ته تيار ڪري وٺندا آهيون پر انهن جي سرٽيفڪيشن تي ڌيان ناهيون ڏيندا، اسان کي پنهنجي شين کي عالمي معيار موجب بڻائڻو پوندو، بدقسمتي سان گذريل 20 سالن کان اسان هر شيءَ ٻاهران گهرائي رهيا آهيون، سڄي دنيا ۾ شين جي قيمتن ۾ بي پناهه اضافو ٿيو آهي، ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري سان ئي ترقي ڪري سگهجي ٿي، تمام جلد پاڪستان پنهنجي پيرن تي بيهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي سي او سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چي?? ته جرمني پاڪستان کان تقريبن 300 کان 400 ملين ڊالر جي سرجيڪل اوزار خريد ڪري ڀارت کي 700 ملين ڊالر ۾ وڪرو ڪندو آهي جنهن جو مطلب آهي ته اسان وٽ پنهنجي روانگي واپار کي ويليو ايڊ ڪرڻ جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، هن چي?? ته پاڪستان جي هڪ منفرد حيثيت آهي، دنيا جي تقريبن 66 سيڪڙو آبادي اسلام آباد کان ساڍا 3 ڪلاڪ جي مفاصلي تي آهي، سعودي عرب، وچ ايشيا، بحرين، دبئي جي فوڊ باسڪٽ پنهنجي ماحول جي ڪري سدائين آمدني واپار تي ٻڌل رهندي، پاڪستان پنهنجي فارمنگ ۽ لائيو اسٽاڪ جي جدت آڻي عرب ملڪن جي فوڊ مارڪيٽ تائين ??هچ حاصل ڪري سگهي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته اسان حلال اٿارٽي قائم ڪئي، سرٽيفڪيشن ڪئي، اسان شيون ٺاهيندا آهيون پر ان جي سرٽيفڪيشن تي ڌيان ناهيون ڏيندا، هن تقريب ۾ موجود سمورن سي او اوز کي مخاطب ٿيندي چي?? ته هو جيڪي به شيون تيار ڪن ان جي ڪوالٽي عالمي معيار موجب رکن، هن چي?? ته عالمي مارڪيٽ ۾ ڪموڊيٽي پرائس ۾ اضافو ٿيو آهي، تيل جون قيمتون به وڌيون آهن، 2018ع ۾ جڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت اقتدار ۾ آئي ته پام تيل جي قيمت 518 ڊالر ميٽرڪ ٽن هئي جيڪا هن وقت 1200 ڊالر کان ٽپي چڪي آهي، اهڙي طرح تيل ۽ ڪڻڪ جي قيمتن به اصافو ٿيو آهي، هن چي?? ته ڪووڊ جي ڪري پوري دنيا ۾ مهانگائي آئي، جيڪڏهن اسان وٽ سرپلس ڊالر هجن ته اسان ٻاهرين دنيا کان مهانگيون شيون خريد ڪري سبسڊائز ڪري فراهم ڪري سگهون ٿا پر اسان وٽ ڊالر نه آهن جنهن جو ??ني??دي سبب اهو آهي ته گذريل 20 سالن ۾ اسان پنهنجو ڪجهه نه ٺاهيو، اسان هر شيءَ ٻاهرين دنيا کان گهرائي، هن چي?? ته دبئي هڪ ننڍو شهر آهي جنهن ۾ 30 کان 40 لک آبادي آهي ان جي معيشت جا مثال 22 ڪروڙ عوام تي پورا نٿا لهي سگهن. هن چي?? ته پاڪستان ۾ انڊسٽري بند ڪئي وئي هئي، سموريون شيون درآمد ڪيون وينديون هيون، هن چي?? ته ڪووڊ جي دوران اسان کي سينيٽائيزر جي ضرورت هئي، اسان وٽ ايٿانول هوندو آهي، اسان را مٽريل ٻاهرين ??لڪ موڪلي ڇڏيندا آهيون پنهنجو سينيٽائيزز نه ٺاهيندا هئاسين، هن چي?? ته جڏهن 2018ع ۾ اسان اقتدار ۾ آياسين ته اسان جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بند ٿي چڪي هئي، اسان ان کي بحال ڪيو، هن چي?? ته ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري ڪئي وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? ته هن وقت اليڪٽرڪ گاڏين جو نه اچڻ جو وڏو سبب چپ جو موجود نه هجڻ آهي ڇو ته آمريڪا جون ڪمپنيون چي?? کي چپ فراهم نه ڪري رهيون آهن، پوري انڊسٽري ويهي وئي اهي، اهڙي وقت ۾ پاڪستان جهڙن ملڪن وٽ موقعو آهي ته هو ان خال کي ڀرين، هن چي?? ته 1947ع کان 2008ع تائين 6 ٽريلين جو قرض ورتو ويو، 2008ع کان 2018ع تائين 23 هزار ارب روپين جا قرض ورتا ويا، 1947ع کان وءِ 2008ع تائين جي ورتل قرضن ۾ اسان اسلام آباد شهر بڻايو، گوادر خريد ڪيو، اسان دفاع کي مستحڪم ڪيو، موٽر ويز ٺاهيون، اسان ايٽمي طاقت بڻياسين ??ر اڳئين 10 سالن ۾ 23 هزار ارب روپين جو قرض ورتو ويو جيڪو دبئي، لنڊن ۽ آمريڪا هليو ويو، هن چي?? ته هن سال حڪومت کي 12 ارب ڊالر جو قرض واپس ڪرڻو آهي ته ان صورت ۾ حڪومت وٽ سبسڊي جي لاءِ ڇا بچندو. وفاقي وزير چي?? ته مهانگائي جو ??ني??دي سبب اڳوڻن حڪمرانن پاران ورتل وڏا قرض آهن، هن چي?? ته ان جي باوجود ڪورونا جي دوران اسان جي ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آهي، اڄ اسان جي ڪنسٽرڪشن، ٽيڪسٽائيل ۽ سافٽ ويئر انڊسٽريز جهڙي طريقي سان اڳتي وڌي رهيون آهن مون کي اميد آهي ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ سمورا رخ تبديل ڪري اسان پنهنجي پيرن تي بيٺل هونداسين. هن چي?? ته قومون ان وقت تائين اڳتي نٿيون وڌي سگهن جيستائين ??و پنهنجي پيرن تي بيٺل نه هجن.
ملڪ ۾ مهانگائي جو بنيادي سبب اڳوڻين حڪومتن جا ورتل قرض آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب