اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ اثاثا مئنيجمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ سان لاڳاپيل معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقع?? تي وزيراعظم عمران خان قيمتي قومي اثاث?? جي پيداواري استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن پاڪستا?? جي قيمتي تاريخي ۽ ثقافتي اثاثن مان ڀرپ??ر فائدو کڻندي ملڪ ۾ سياحت جي شعبي جي ترق?? تي ڌيان ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم بورڊ آف انويسٽمينٽ (بي او آءِ) کي موثر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ما??هن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ملڪ ۾ ڪاروبار ڪر?? ۾ ??ساني کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقع?? تي ناڻي واري وزير پاران وزيراعظم کي ملڪ جي موجوده معاشڊي صورتحال تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ملڪ ۾ عام ما??هن کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم عمران خان سان ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria