اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چ??و آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت انصاف جي فراهمي جي منشور تي قائم ٿي آهي، ڪو به معاشرو سماجي ۽ معاشي انصاف کي قائم ڪرڻ کانسواٰءِ ترقي نٿو ??ري سگهي، هڪجهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪرڻ هڪ بهترين قدم آهي سڀ کان بهترين نمونو جنهن جي پيروي ڪئي وڃي اهو نبي آخر الزام حضرت محمد ﷺ جي سيرت آهي ۽ موجوده تعليمي نصاب ۾ ان کي شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن ايندڙ نسلن کي اسلام جي اصولن تي عمل پيرا ٿيڻ جي تربيت ڏئي سگهجي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ مذهبي معاملن بابت عالمي ريسرچ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ ”مسلم دنيا ۾ جمهوري تبديلي، چئلينجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي منعقد ٿيندڙ ٽن ڏينهن واري ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪ??دي ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ مذهبي معاملن بابت ڪا به قانونسازي ڪرڻ کان پهرين اسلامڪ آئيڊيالاجي ڪائونسل کان ان تي راءِ وٺ??دي آهي، هن ان سلسلي ۾ اسلامڪ آئيڊيالوجي ڪائونسل جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جي تخليق ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي نظرياتي جدوجهد جو نتيجو آهي،
هن چيو ته پاڪستان جي بانين علامه محمد اقبال ۽ قائداعظم محمد علي جناح هڪ اهڙي ملڪ جي لاءِ جدوجهد ڪئي جتي سڀني کي برابر حق حاصل هجن ۽ هر شخص پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذاري سگهي. هن چيو ته اسلام امن، هم آهنگي ۽ برابري جو درس ڏي ٿو، انتهاپس??دي ۽ امتيازي سلوڪ جي نفي ڪري ٿو، اوله??دي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي چئلينج جو ذڪر ڪ??دي هن اسلام جي امن جي پيغام کي دنيا ۾ عام ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته افغانستان اسان جو ڀائر اسلامي پاڙيسري ملڪ آهي ۽ پاڪستان سدائين هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جو خواهشمند رهيو آهي، هن چيو ته ضرورت جي ان وقت ۾ اسان پنهنجي افغان ڀ??ئرن جي مدد جاري ر??نداسين، ان کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ به ورهايا.