اسلام ??با?? – 04 آگسٽ (اي پي پي) ڪشميرين سان يڪجهتي جي لاءِ عورت پارليامين??ري?? جو وفد مظفر??با?? روانو ٿي ويو آهي. وفد جي قيادت ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري پارلياماني سيڪريٽري ثوبيه ڪمال ڪري رهي آهي. وفد مظفر??با?? ۾ پناهگير ڪئمپ ۾ ڪشميري خاندانن سان ملاقات ڪندو، وفد ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي قربانين تي انهن کي سلام پيش ڪندو. رواني ٿيڻ کان اڳ ڳالهائيندي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن پارلياماني سيڪريٽري ثوبيه ڪمال چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي گذريل سال جي مذمت جوڳي قدم جي خلاف پوري قوم احتجاج ڪري رهي آهي، ڀارت 70 سالن کان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون کليل خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي، دنيا کي ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ??يارڻو پوندو، ڀارت جون هندو انتهاپسند فاشسٽ پاليسيون خطي جي امن لاءِ خطرناڪ آهن. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري اعجاز احمد خان وفد کي روان?? ڪيو.
ڪشميرين سان يڪجهتي جي لاءِ عورت پارليامينٽرين جو وفد مظفرآباد روانو
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب