اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت صح??فت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ميڊيا تي ڪنهن به قسم جي سينسرشپ نه آهي، ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪس وانگر صحافي به ڪورونا وبا جي خلاف جنگ ۾ پهرين صف ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، محدود وسيلن جي باوجود ملڪ جي ڏورانهن علائقن جي پريس ڪلبن جي مالي مدد جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جي خاص هدايتن تي پريس ڪلبن جي مالي مدد ڪئي پئي وڃي. هو ملڪ جي مختلف پ??يس ڪلبن جي عهديدارن ۾ مالي مدد جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات و??رو وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني، نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد سميت سڄي ملڪ جي پريس ڪلبن جا عهديدار ان تقريب ۾ شريڪ هئا. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته منهنجي لاءِ اڄ خوشي جو ڏينهن آهي ته آئون سڄي ملڪ جي مختلف پ??يس ڪلبن جي عهديدارن سان مل??قا?? ڪري رهيو آهيان. اطلاعات و??ري وزارت جي سيڪريٽري ۽ سندس ٽيم جيڪا ڪوشش ڪئي آهي اها ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهي آهي. وزيراعظم عمران خان جي پراڻي خواهش ۽ واضح هدايتون هيون ته ڪلبز ۽ صحافي برادري جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي ان سان گڏوگڏ اهي صحافي جيڪي بيمار يا ڪنهن مشڪل ۾ آهن انهن جي به مدد ڪئي وڃ??، پنهنجي محدود وسيلن جي باوجود پريس ڪلبن ۽ صحافين جي مدد ڪرڻ وڃي رهيا آهيون.
حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری