اسلام آب??د – 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جو ڪو به صوبو هجي يا ان جو ڪو حصو، گ??ٽ ترقي يافه علائقن کي ترقي جي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ سان احساس محرومي ختم ٿيندي، سمورين سياسي پارٽين جي اتفاق راءِ سان اڳوڻي فاٽا ج?? سيٽن جي تعداد ۾ اضافي جو فيصلو خوش آئنده آهي، ان سان اڳوڻي فاٽا ج?? عوام کي اهو احساس ٿيندو ته انهن جا مسئلا حل ڪيا پيا وڃن، قومي مالياتي ڪميشن ۾ فاٽا کي 3 سيڪڙو اضافي حصو ڏيڻ تي هر صورت ۾ ??مل??رآمد ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ ضم ٿيندڙ قبائلي ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن جي نئين سر جوڙجڪ جي لاءِ آئيني (ترميمي) بل 2019ع تي بحث سهيڙيندي وزيراعظم چيو ته اڄ مون کي گهڻي خوشي ٿي آهي ته فاٽا ج?? حوالي سان ان اهم آئيني ترميم جي سڄي ايوان حمايت ڪري ر??يو آهي.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ