لاهور – 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته رستن تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ريلوي کي بهتر ڪرڻو پوندو، مزدورن جون پگهارون وڌائڻ جي حق ۾ آهيان، جمهوري وزيراعظم آهيان سوچي سمجهي مالي بج??ٽ موجب فيصلا ڪندو آهيان، اڳو??ن وزيراعظمن وانگر بادشاهه بڻجي پئسا نه ٿو ورهائي سگهان، ريلوي نظام جي بهتري لاءِ چين کان مدد وٺنداسين. لاهور ۾ جناح ايڪسپريس (لاهور – ڪراچي – لاهور) ٽرين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پوري دنيا ۾ ريل عام ماڻهو استعمال ڪري ٿو ۽ اسان کي رستن تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ، ع??ام جي سهولت ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ ريلوي نظام کي بهتر بڻائڻو پوندو.
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ