اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان هڪ جمهوري جدوجهد جي ذريعي وجود ۾ آيو ان جي بقاءُ سلامتي، يڪجهتي، ترقي ۽ خوشحالي جو راز به جمهوريت ۾ ئي لڪل آهي، آئين جي سربلندي ۽ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ کانسواءِ ڪامياب نٿا ٿي سگهون، هن اها ڳالهه پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو اڄ جمعي ڏينهن قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، وزيراعظم چ??و ته اڄ جو ڏينهن 78 سال پهرين جي ان عظيم ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو جڏهن ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن غلامي جون زنج??رو?? ٽوڙڻ ۽ هڪ آزاد مسلمان رياست قائم ڪرڻ جو پرعزم فيصلو ڪيو هو، هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن لاهور جي تاريخي اجلاس ۾ مسلم ليگ قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت ۾ اها تاريخ ساز قراداد منظور ??ئي وئي جيڪا بعد ۾ قرارداد پاڪستان جي نالي سان مشهور ٿي، ان قرارداد منزل جو واضح شعور ??نو ۽ صرف 7 سالن کانپوءِ پاڪستان وجود ۾ اچي ويو.
وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena