ڊيره بگٽي / اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته بلوچستان جو مستقبل صوبي جي عوام جي هٿن ۾ آهي، ووٽ ڏيڻ جو صحيح فيصلو ڪيو ته ان جا ثمر توهان آڏو هوندا، اهو وقت پري نه آهي جڏهن بلوچستان ملڪ جو امير ترين صوبو هوندو، بلوچستان ۾ 455 ارب رپيا رستن جي م??صو??ن تي خرچ ٿيندا، هر ضلعي هيڊڪوارٽر کي گئس فر??هم ڪئي ويندي، وفاقي حڪومت جي مدد سان صوبي ۾ 21 يونيورسٽيون قائم ٿي رهيون آهن، ناراض بلوچ ڀائر گمراهه ڪندڙ پ??وپ??گنڊه بدران صوبي ۽ عوام جي تعمير ۽ ترقي ۾ حصو وٺن، محمد نواز شريف جي دور ۾ بجلي جا تاريخي م??صو??ا لڳا جن جا ثمر بلوچستان کي ملندا، سڀ کان قيمتي وسيلو پاڻي آهي جنهن کي ماضي ۾ نظرانداز ڪيو ويو، پاڻي جا معاملا ڏسڻ جي لاءِ ملڪ ۾ جدا وزارت قائم ڪئي وئي آهي، سپريم ڪورٽ ج?? 28 ??ولاءِ جي فيصلي سان اتفاق نه آهي پر ان جو احترام ڪريون ٿا، ڊير بگٽي ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جو ڳڙهه ثابت ٿيندو، ڊيره بگٽي جي عوام سان واعدو آهي ته انهن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيره بگٽي ۾ ڪڇي ڪينال م??صو??ي جي افتتاح کانپوءِ ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو.
بلوچستان جو مستقبل صوبي جي عوام جي هٿن ۾ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II