اسلام آباد – 12 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته 256 صفحن تي ٻڌل جي آءِ ٽي رپورٽ پاڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي آه?? ته نواز شريف جي پنجن حڪومتي ??ور?? ۾ رياست جي هڪ پئسي جي ڪرپشن، گهپلو ۽ ڪميشن نه ورتي وئي. هو پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ ايم اين اي دانيال عزيز سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ اچڻ کانپوءِ اهو گوڙ ٿي رهيو آه?? ته وزيراعظ?? استعيفيٰ ڏي ۽ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪ??ي پئي وڃي ته شايد اهو عوام جو آواز ۽ خواهش آه??، حقيقت ته اها آه?? ته هن ملڪ جي عوام نواز شريف سان گڏ آه?? ۽ محمد نواز شريف به عوام جو آواز آه??، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم ۽ عوام جي ڪري وزيراعظم محمد نواز شريف ٽيون ڀيرو وزيراعظم چونڊيو آه??.
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز