رياض-14 نومبر (اي پي پي ) سعودي ع??ب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٽيليفونڪ رابطي ۾ ٻنهي اڳواڻن سعودي ع??ب ۽ روس وچ ۾ لاڳاپن ۾ اضافي لاءِ ڪيل ڪوششن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. سعودي ع??ب ۽ روس وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي طريقن کي وڌائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هنن مختلف حوالن سان گڏيل دلچسپي وارن معاملن کانسواءِ يوڪرين روس بحران جي حوالي سان ٿين??ڙ اڳڀرائي ۽ ان سلسلي ۾ ڪيل ڪوششن بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون