رياض-05 جولاءِ(اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان چيو آهي ته غزه پٽي ۾ في الحال جنگ بندي جا آث??ر نظر نه ٿا اچن. ميڊيا رپورٽن موجب ميڊرڊ ۾ ٿيل پرڏيهي معاملن بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ??ڏي?? قومن جي فيصلي جي روشني ۾ سعودي عرب غزه ۾ عالمي فوج مقرر ڪرڻ جي حماي?? ڪري ٿو. ان عالمي فوج جو مقصد فلسطيني اٿارٽي جي مدد ڪرڻ هوندو. شهزاده فيصل بن فرحان چيو ته غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ اسان کي روزانو اهڙا منظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا جيڪي فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل کي خطرن ۾ وجهي رهيا آهن.هن چيو ته اسپين سميت ٻين يورپي ملڪن پاران فلسطيني رياست کي تسيلم ڪرڻ جا اعلان اميد جو ه?? ڪرڻو آهن. شهزاده فيصل بن فرحان چيو ته اسان کي لبنان جنگ جي ڦهلجڻ جو خدشو آهي ڇاڪاڻ ته لبنان ۾ ڪو به مستحڪم سياسي منظر نامو نظر نه ٿو اچي. هن پنهنجي خطاب ۾ ان اميد جو اظهار ڪيو ته غزه ۾ جاري جنگ رڪجڻ سان لبنان ۽ اسرائيل وچ ?? سرحدي ڇڪتاڻ رڪجڻ ۾ مدد ملندي.
غزه پٽي ۾ جنگ بندي جا آثار نظر نه ٿا اچن: سعودي پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha