رياض -30 اپريل (اي پي پي) سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان چيو آهي، ته هن وقت جنگ بندي ۽ غزه جي شهرين جي ڏکيائين جو حل فراهم ڪر?? جي فوري ضرورت آهي: ايس پي اي مطابق هن عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته غزه ۾ فوري ۽ مستقل جنگ بندي به انتهائي ضروري آهي. سعودي پرڏيهي وزير فلسط??ني عوام جي حقن ۽ خوداراد??ت واري حق جي حوالي سان سندن خواهشن کي نظر ۾ رکندي چيو ته اهو حاصل ڪرڻ لاءِ اها ڳالهه يقين سان چئي سگهجي ته ڊگهي عرصي کان جاري جدوجهد جو خاتمو ٿيندو ۽ امن ۽ سلامتي ذريعي سهڪار ۽ ترقي جا گهڻا موقعا ميسر ٿيندا. هن چيو ته سعودي عرب ۽ آمريڪا ٻه طرفي معاهدن کي حتمي شڪل ڏي?? جي مرحلي ويجهو پهچي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته فلسط??ني رياست جي قيام تائين پهچڻ لاءِ هڪ رستو گهربل آهي. مڪمل جنگ بندي کان پوءِ ٻئي مرح??ي جي شروعات ٿيندي.
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado